رتوديرو (ن پ ا ) رتيديري جي وارڊ 5 ۾ قائم نور آباد پرائمري اسڪول ۾بنيادي سهولتون نه هجڻ خلاف استادن ۽ شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪيو.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هيڊ ماستر انعام الله جلباڻي، اعجاز لولائي، طارق حسين شاهه، احسان ۽ ٻين چيو ته سال 2014 ع ۾ اسڪول تعمير ٿيو، 8 سال گذرڻ بعد به نه ڪا بجيٽ ملي آهي ۽ نه ئي وري اسڪول جي مرمت جو ڪو ڪم ڪرايو ويو آهي.هنن چيو ته تازين برساتون پوڻ ڪري اسڪول ۾ لڳل فرش به اکڙي ويو آهي. فرنيچر جي به سخت کوٽ آهي، استادن جي ويهڻ لاءِ به ڪرسيون پوريون ناهن، جڏهن ته اسڪول ۾ نه واش روم ۽ نه ئي وري پيئڻ جي پاڻي جي سهولت ميسر ٿيل آهي. چوڪيدار نه هجڻ ڪري اسڪول مان مختلف وقتن تي چوريون به ٿي ويون آهن.تعليم کاتي جي اعليٰ آفيسرن کي به اهڙيون شڪايتون ڪيون پر ان هوندي به مسئلن تي ڪو ڌيان ڪو نه پيو ڏنو وڃي.استادن گهر ڪئي ته اسڪول ۾ فرنيچر ، واش روم ۽ پيئڻ جي پاڻي سميت بنيادي سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن.