باقراڻي (ن پ ا ) باقراڻي ٿاڻي جي حد موئن جو دڙو روڊ باقراڻي باءِ پاس وٽ هٿياربند خير محمد آريجا واسي مڇي جي واپاري نظير شيخ کي يرغمال بڻائي موٽر سائيڪل، 3 هزار ۽ موبائل ڦر ڪري ويا، ڦورو موٽر سائيڪل خراب ٿيڻ تي ڳوٺ گل محمد تنيو ٻاهران ڇڏي ويا، اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو،پوليس موٽر سائيڪل تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي بيهاري ڇڏي، جڏهن ته ٻئي واقعي ۾ چور خير محمد آريجا جي مين بازار ۾ اشفاق کوهارو جي دڪان جا تالا ٽوڙي 35 هزار جا هار، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان کڻي ويا، اهڙي واقعي جي اين سي يونيورسٽي ٿاڻي تي پڻ داخل ڪرائي وئي. ٽئين واردات ۾حسن واهڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ نئين گڏ ۾ چور اسد سومرو جي دڪان جا تالا ٽوڙي ٻه ون ٽو فائيو موٽر سائيڪلون ڪاهي ويا،اين سي داخل ڪئي وئي.