ڪراچي (رپورٽ : فقير سليم) سنڌ ۾ ايڊز تيزي سان پکڙجڻ لڳو، رڳو ڪراچي ۾ 6 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا، جيلن مان آزاد ٿيندڙ ايڊز جي مريضن بابت صحت کاتي کي تفصيل نه ملڻ خلاف ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي ايڊيشنل ڊي جي آءِ جي جيلز کي خط لکي ڇڏيو، ان ڏس ۾ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ايڊز جي مريضن جو انگ 6768 آهي، جيڪو سنڌ ۾ سڀني کان وڌيڪ آهي، سينٽرل ضلعي ۾2725، ڏکڻ ۾ 1035، اولهه ۾ 998، ڪورنگي ۾ 907، اوڀر ۾436 ۽ ملير ۾ 667 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ اهو تعداد 2430 ۽ حيدرآباد ۾ 1039 آهي، صوبي ۾ ايڊز جي مريضن جو رجسٽرڊ تعداد 13864 آهي، جڏهن ته هڪ اندازي مطابق صوبي ۾ 70 کان 78 هزار ايڊز جا مريض موجود آهن، رجسٽرڊ مريضن ۾ 9166 وڏي عمر جا مرد، 2461 وڏي ڄمار واريون عورتون، 1126 نوجوان ڇوڪرا ۽730 ڇوڪريون شامل آهن، جڏهن ته 421 کدڙا به رجسٽرڊ آهن، جڏهن ته ايڊز وگهي 1939 شهري فوت ٿي چڪا آهن، ڊاڪٽرارشاد ڪاظمي موجب اسان جيلن ۾ موجود قيدين جي ايڊز جي اسڪريننگ ڪندا آهيون، متاثرين جو پتو پوڻ بعد سندن علاج پڻ ڪندا آهيون، جيڪو ايڊز متاثر قيدي جيل مان آزاد ٿئي ٿو، انهي بابت جيل انتظاميا اسان کي تفصيل فراهم نٿي ڪري، انهي حوالي سان خط لکيو آهي، ته اسان کي تفصيل ڏنا وڃن ته جيئن سندن علاج جاري ڪرائڻ ۾ آساني ٿئي.