اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا پاران مهانگائي گهٽ ٿيڻ جي دعويٰ، 12 دائن جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي، اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم لاءِ آرڊيننس جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي، تفصيل موجب ڪالهه وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابيناجو اجلاس ٿيو، وفاقي ڪابينا اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ترميم لاءِ آرڊيننس جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن آرڊيننس تحت جن چونڊيل ميمبرن چونڊجڻ کان 60 ڏينهن اندر حلف نه کنيو آهي انهن جي رڪنيت ختم تصور ٿيندي، ذريعن مطابق اهو آرڊيننس فوري طور تي جاري ڪرڻ جي ڪابينا پاران هدايت ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري اڄ يا سڀاڻي اهڙو آرڊيننس جاري ٿي وڃڻ لاءِ ڪم تيز ڪيو ويو آهي، ذريعن مطابق اهڙو آرڊيننس جاري ڪرڻ جو ان ڪري به فيصلو ڪيو ويو آهي جو اڻ چونڊيل شوڪت ترين کي آئين تحت عارضي طور تي 6 مهينن لاءِ وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو آهي، ان جي اهڙي مقرري جي مدت مڪمل ٿيڻ جي ويجهو پهتي آهي، وزيراعظم چاهي ٿو ته شوڪت ترين جي مدت مڪمل ٿيڻ کان پهريان کيس پنجاب مان سينيٽر چونڊرايو وڃي، اهڙي آرڊيننس جاري ٿيڻ سان پنجاب مان چونڊيل ن ليگ جي اسحاق ڊار جي سيٽ خالي ٿي سگهي ٿي، ڇو ته ان چونڊجڻ کان لڳاتار 3 سالن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود حلف نه کنيو آهي. اجلاس کان پوءِ بريفنگ ڏيندي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري ٻڌايو آهي ته وفاقي ڪابينا 37 نين دوائن جي قيمتن مقرر ڪرڻ جي منظوري کان سواءِ 12 دوائن جي قيمتن ۾ ردوبدل جي به منظوري ڏني آهي، ذريعن مطابق انهن 12 دوائن جي قيمتن ۾ غير معمولي واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي، سڌ سماءَ جي وفاقي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته اي سي سي جي 16 آگسٽ جي فيصلن جي منظوري ڏني وئي، جنهن تحت صنعتن کي رعايتي اگهن تي بجلي جي فراهمي جو عمل جاري رهندو، هن چيو ته سستي گيس تي بجلي ٺاهيندڙن کي به وارننگ ڏني وئي آهي ته ان رعايت جو غلط استعمال نه ڪيو وڃي، معاشي صورتحال تي بريفنگ ڏيندي ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته معاشي انڊيڪيٽر بهتر آهن، ايڪسپورٽ ۾ استحڪام نظر اچي رهيو آهي، مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي، مئي ۾ مهانگائي جي شرح 10.9 سيڪڙو جون ۾ 9.7 سيڪڙو، جڏهن ته جولاءِ ۾ 8.4 سيڪڙو تي رهي، جڏهن ته سينسيٽو پرائيس انڊيڪيٽر (ايس ٽي آءِ) مئي ۾ 16.9 سيڪڙو، جون ۾ 15.4 سيڪڙو ۽ جولاءِ 12.6 سيڪڙو تي رهيا، ان حساب سان تقريبن 4 سيڪڙو مهانگائي ۾ گهٽتائي واقع ٿي آهي، عالمي سطح تي عام واهپي جون شيون، کاڄرو تيل، اسٽيل ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي پر پاڪستان ۾ قيمتون گهٽ ٿيڻ جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا کي انٽرنيٽ ووٽنگ ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت صلاحڪار بابر اعواڻ ۽ وفاقي وزير شبلي فراز بريفنگ ڏني، هن چيو ته هن وقت تائين ڪا اهڙي اليڪشن نه ٿي آهي، جنهن ۾ اپوزيشن شفاف طريقي سان کٽيو هجي، انڪري مخالف ڌر جي پوري ڪوشش آهي ته پراڻو نظام برقرار رهي، مخالف ڌر 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جي آئيني حق کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اهي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته چونڊ سڌارا نه ٿين، وفاقي ڪابينا چونڊ سڌارن بابت مخالف ڌر جي رويي جي مذمت ڪئي آهي، هن چيو ته نواز ليگ ۽ پ پ سازش تحت سمند پار پاڪستانين کي ووٽ جي حق کان محروم ڪرڻ چاهي ٿي، وفاقي ڪابينا انٽرنيٽ ووٽنگ جي نظام بابت ڪم کي جلد مڪمل ڪرڻ جي نادرا کي هدايت ڪئي آهي هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا کي ڪورونا بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا صوبن جي اسپتالن تي بار ۾ اضافو ٿيو آهي، انهن صوبن ۾ موجود آڪسيجن جي صلاحيت مان 70 سيڪڙو آڪسيجن استعمال هيٺ اچي وئي آهي، اگر حالتون بهتر نه ٿيون ته صنعتن کي فراهم ٿيندڙ آڪسيجن جي فراهمي گهٽ ڪرڻي پوندي، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پي ڊي ايم جو مستقبل اهو آهي ته اهي لنڊن ۾ شاديون ڪرائن، اتي وڌيڪ فليٽ خريد ڪن، هاڻي ڏسون ٿا مولانا فضل الرحمان مبارڪ ڏيڻ لاءِ لنڊن ڪڏهن وڃي ٿو، پاڪستان خطي جي تمام وڏي طاقت آهي، خطي جي فيصلن بابت پاڪستان جي مرضي هوندي.