راڄوخاناڻي ( ن پ ا) راڄو خاناڻي ڀرسان پرهيت مبينا بيروزگاري سبب آپگھات ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ ڳوٺ حنيف نظاماڻي/ ڳوٺ ڌرمون پٽيل ۾ چئن ٻارن جي پيء 45 سالا پورھيت شونو ڪولھي پٽ ناٿو ڪولھي ڇت ۾  رسي جو ڦاھو کائي انت آڻي ڇڏيو. گھروارن ڳولا بعد کيس ڪمري ۾ لٽڪيل ڏٺو ته گھر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو ۽ سوين ماڻھو گڏ ٿي ويا. واقعي جو اطلاع راڄوخاناڻي پوليس کي ڏنو ويو پوليس بروقت پھچي لاش رسي مان ڪڍي رورل ھيلٿ سينٽر راڄوخاناڻي پھچايو جتي قانوني ڪاروائي بعد بنان پوسٽ مارٽم جي لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. شونو ڪولھي جي ڀاء ھرجي ڪولھي پيرسن ماء ۽ زال پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته گذريل رات زال پاران گھر جو کٽل سامان وٺي اچڻ جو چيو، ھن وٽ وکر لاءِ پئسا نه ھئڻ سبب زال مڙسن ۾ جھيڙو ٿي پيو ۽ ھن غربت ۽ بيرزگاري سبب زندگي کان تنگ ٿي رات جو پنھنجي ئي گھر اندر خودڪشي ڪري پنھنجي زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو جڏھن ته لاش گھر پھچڻ تي معصوم ٻار لاش کي چنڀڙي پيا ۽ گھر ۾ قھرام مچي ويو جڏھن ته فوتي کي سوين آلين اکين سان مٽي ماءۡ حوالي ڪيو ويو.