حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ضلعي ۾ منشيات جي وڪري ۽ واهپي خلاف داخل درخواست تي ايس ايس پي کي انساني صحت لاءِ هاڃيڪار شيون وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي مقامي وڪيل محب آزاد لغاري پاران ذاتي حيثيت ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ويو ته سٽي  تعلقي جي حالي روڊ, امريڪن ڪوارٽر, لطيف آباد جي ڪوهسار,سائيٽ ايريا, ذيل پاڪ قاسم آباد جي هالاناڪو, محمد بخش شورو ڳوٺ ۽ ٻهراڙي واري تعلقي جي هٽڙي, هوسڙي, ٽنڊو ڄام, ناريجاڻي, موري منگر سميت مڙني علائقن ۾ چرس, ڪچو شراب, مين پڙي ۽ گٽڪي سميت ٻين زهريلن نشن جو ڪاروبار عروج تي پهتل آهي پر لاڳاپيل ٿاڻن جي پوليس ڪڌو ڪاروبار بند ڪرائڻ بدران ڊيلرز توڙي منشيات وڪرو ڪندڙن جي سرپرستي ڪرڻ ۾ مصروف آهي جڏهن ته شهري علائقن ۾ هيروئين بعد هاڻي نوجوان نسل آئيس واپرائڻ جو به عادي بڻجي چڪو آهي, پٽيشن تي ٻڌڻي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. وڪيل چيو ته لاڳاپيل عدالت گٽڪي ۽ مين پڙي جي وڪري تي مڪمل پابندي لڳائي هئي تنهن باوجود گهٽين, چوڪن ۽ گهرن ۾ مين پڙي ۽ گٽڪي جو ڪاروبار پيو ٿئي جتان پوليس عملدار لکين رپيا ڀتو پيا وصول ڪن. جڏهن ته ڄاڻايل زهريلن نشن جي واپرائڻ سبب سوين نوجوان وات ۽ ڳلي جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿي ويا آهن عدالت ايس ايس پي امجد احمد شيخ ۽ ڊي ايس پي ليگل غلام نبي کوسو کانس پڇاڻو ڪيو ته اوهان منشيات فروشن ۽ سماجي براين ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي ڇو نه ٿا ڪيو؟ ايس ايس پي چيو ته سندس مقرري 6 جولاءِ 2022ع تي ٿي ۽ هيستائين ٽن مهينن دوران هن  گٽڪو ۽ مين پڙيون وڪرو ڪندڙ 164 جوابدار گرفتار ڪيا آهن. جڏهن ته شراب وڪرو ڪندڙ 262 ڄڻا گرفتار ٿيا, ايس ايس پي عدالت کي خاطري ڪرائي ته اي ايس پي ڪينٽ علينه راڄپر جي سربراهي ۾ هن جاچ ڪميٽي جوڙي آهي.