راجنپور (م ڊ) راجنپور ۾ لادي گينگ خلاف گرينڊ آپريشن جاري، فورسز مورچن ۽ ٺڪاڻن کي باهه ڏئي ڇڏي. پوليس موجب ڪچي جي علائقي مان اغوا ڪيل ٻن پوليس اهلڪارن جي بازيابي لاءِ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪالهه ٽئين ڏينهن به جاري رهيو، جڏهن ته مغوي اهلڪار هٿ نه اچي سگهيا، ٻئي طرف لادي گينگ جي سربراهه خدا بخش چاڪراني جي وڊيو جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ گينگ جا ميمبر دره سفيدو وٽان گذري رهيا آهن.