رائونتي (ن پ ا ) ڏوھن ۽ ڏوھارين جو ڳڙ سڏيو ويندڙ رائونتي جي ڪچي ۾ اي ايس پي دورو ڪيو آھي، جڏھن ته وڌيڪ پوليس پڪٽون پڻ قائم ڪيون ويو آھن. اي ايس پي پاران اھلڪارن کي سخت هدايتون جاري ڪندي ايندڙ ويندڙ سڀني گاڏين جي چيڪنگ ڪرڻ جو پڻ احڪامات جاري ڪيا ويا آھن، ان موقعي تي اي ايس پي پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته جلد ئي چار ضلعن اندر رينجر پوليس جو گڏيل طور آپريشن شروع ڪيو ويندو، جلدي نيون اي پي سي مشينون پهچڻ کانپوءِ ڏوھارين خلاف سخت آپريشن ڪيو ويندو ھن چيو ته پوليس جون پڪٽون وڌايون آهن رائونتي ڪچي جي ڪهڙن علائقن کي ٽارگيٽ ڪيون انهي ڪري ڪچي پهتا آھيون، اي ايس پي گهوٽڪي جهانداد اڪرم جو رائونتي ڪچي واري علائقي جو دورو ڪندي چوڻ ھو ته جلد ئي رينجر ۽ پوليس گڏيل آپريشن ڪندي آپريشن ڏوهارين جي خاتمي تائين جاري رهندو سٺيون ۽ مظبوط اي پي سي مشينون جيئن پهچنديون تيئن چار ضلعن گهوٽڪي، ڪشمور شڪارپور سکر جي ڪچن ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن ڪنداسين ھن چيو ته رائونتي جي ڪچي ۾ وڌيڪ پوليس پڪٽون قائم ڪيون ويون آهن ، اي ايس پي پاران پڪيٽن تي قائم اھلڪارن سان مانجھاندو پڻ ڪيو ويو