لاڙڪاڻو/قمبر (نمائندن وٽان) قمبر شهر جي علي خان پاڙي ۾ هٿياربندن مبينا طور خدابخش شيخ جي گهر ۾ گهڙي روڪ رقم، سونا زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جنهن دوران گهر ڀاتين هٿياربندن سان مزاحمت ڪئي، جنهن تي هٿياربندن ڏنڊا هڻي 60 ورهين جي عورت اقبال خاتون زال خدابخش شيخ کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، جتي عورت زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، عورت جي وارثن لاش ايمبولينس ۾ کڻائي ايس ايس پي چوڪ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مقتولا عورت جي وارثن وزير شيخ، وڪيل شيخ، يوسف شيخ، غلام مرتضيٰ شيخ، مسمات نورجهان شيخ ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته هٿياربندن اسان جي گهر ۾ گهڙي 10 لک رپيا روڪ رقم، سونا زيور ۽ گهر جو ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪيو، مزاحمت دوران هٿياربندن ڏنڊا هڻي بيدرديءَ سان اقبال خاتون کي قتل ڪيو آهي، اهڙو اطلاع حد جي ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو پر پوليس بروقت ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، جنهن ڪري ڏوهاري فرار ٿي ويا، هنن چيو ته اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، بيگناهه ۾ گهر ۾ ڌاڙو هڻي عورت کي قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، اطلاع تي ايس پي هيڊ ڪوارٽر محمد ڪليم ملڪ ۽ اي ايس پي سٽي ڌرڻي واري هنڌ پهچي مقتولا جي وارثن سان ڳالهيون ڪري هٿياربندن جي گرفتاري ۽ ڪيس داخل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن تي وارثن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو