دولتپور صفن (رپورٽ: پيرل پلي) دولتپور صفن ويجھو ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جھيڙو، پيءُ پٽ تي مبينا ڪتن جي بڇ، 3 ڄڻا زخمي، ڪيس داخل نه ٿيو، خبرموجب پٻجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ آباد ماکنڊ ۾ پراڻي تڪرار تان لاشاري ۽ مري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ پيءُ پٽ سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مري ڌر الزام لڳائيندي چيو ته لاشاري ڌر بنگل مري ۽ سندس پٽ قاسم مري مٿان حملي بعد ڪتن جي بڇ ڪرائي کين زخمي ڪيو آھي، ٻنھي ڌرين جي زخمين کي شاھپور جھانيان اسپتال آندو ويو، اسپتال جي انچارج ايم ايس ڊاڪٽر نور محمد پرھياڙ ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته مري ڌر جي زخمي بنگل مري ۽ سندس پٽ قاسم مري کي جسم جي مختلف حصن تي ڪتن جي چڪن جا نشان آهن، جڏھن ته لاشاري ڌر جي زخمي گل حسن لاشاري کي مٿي ۾ ڏنڊي جو ڌڪ لڳل آهي، ڊاڪٽر موجب مري ڌر جي زخمي پيءُ پٽ کي وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاهه اسپتال ريفر ڪيو ويو آھي، رابطو ڪرڻ تي پٻجو پوليس ٻڌايو ته ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ھلندڙ آھي، ٻنھي ڌرين جا زخمي ٿاڻي تي آيا ھئا جن کي ليٽر ڏئي شاھپور جھانيان اسپتال موڪليو، جنهن بعد ٻئي ڌريون وري ٿاڻي تي ناھن آيون، ھو  اينديون ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.