جنگشاھي (ن پ ا) ڪراچي ۽ مڪلي پوليس ستن موبائيل ۾  سوار ٿي جنگشاھي شھر ۾ سوزوڪي جي ٻن ڊرائيورن نثار جوکيو ۽ رحم علي جوکيو کي  گرفتار ڪري کڻي وئي کين پليجا ڪالوني ۾ رھندڙ رٽائرڊ اي ايس آئي عبدالمجيد پليجو جي مائٽن جي گھر نيو ويو، جتان سڪندر خواجه کي کڻي وئي. ان موقعي تي ڪراچي پوليس صحافين کي ٻڌائڻ کان لاچاري ڏيکاريندي چيو ته اسان ٽارگيٽ تي آيا آھيون. اھو پورو ڪري وينداسين، پوليس جي وڏي موبائيلن جي ڪاروائي ڏسي شھر ء ڪالوني ۾ خوف وارو ماحول پيدا ٿي ويو ڇاڪاڻ ته جنگشاهي م پھريون دفعو پوليس جي اٽالن ايترن موبائيلن م ڪاروائي ڪئي. جنگشاھي پوليس چوڪي انجارچ غلام مصطفيٰ جاکرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪاروائي کي ڳجھو رکيو ويو اسانکي ٻڌايو ئي ناھي ويو، ذريعن موجب ڪراچي سبزي منڊي جا دلالن سان سڪندر خواجہ جي پئسن جي ڏيتي لتي تان سڪندر خواجہ کي ڪراچي پوليس ڇاپو ھڻي گرفتار ڪري وئي آھي. گرفتار ٿيل جنگشاهي واسي ٻن سوزڪي ڊرائيورن کي آزاد ڪري ڇڏيو.