دودو ڀيل قتل ڪيس جي فريادي جوابدارن سان ٺاهه ڪري ڇڏيو؟

0
374
دودو ڀيل قتل ڪيس: مٺي جي عدالت پاران ٻن جوابدارن جي ضمانت منظور
دودو ڀيل قتل ڪيس: مٺي جي عدالت پاران ٻن جوابدارن جي ضمانت منظور

مٺي  (رپورٽ: ممتاز نهڙيو) دودو ڀيل قتل ڪيس جي فريادي جوابدارن سان اندروني ٺاه ڪري ڇڏيو. سنڌ هاء ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ جوابدارن ڪاشف ڪمانڊو ۽ حظيفا ملڪ جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي دوران فريادي مقتول جي ڀاء عالم ڀيل نو آبجيڪشن جو بيان ڏيئي ڇڏيو. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اگر ڌرين وچ ۾ ٺاه ئي ٿيو آھي ته ايندڙ تاريخ تي ٺاه جي سڌي سنئين درخواست ڏيو، عدالت دودو ڀيل قتل ڪيس جي جوابدارن پاران ضمانت لاء ڏنل درخواست جي ٻڌڻي ايندڙ جمع تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ذريعن موجب مقتول دودو ڀيل جي ڀاء فريادي  قتل ڪيس جي مک جوابدارن ڪمانڊو ڪاشف ۽ حظيفا ملڪ سان هڪ ڪروڙ روپين عيوض وڪيل معرفت ٺاھ ڪري ڇڏيو آھي جنهن مان فريادي کي 20 لک روپين جو چيڪ اڄ ملي ويو، دودو ڀيل ڪيس جي ضمانت واري رکيل ايندڙ جمع جي تاريخ تي فريادي ٺاھ جي درخواست ڏيندو، فريادي جي وڪيل وسند ٿري چيو ته مقتول ڌر سان جوابدار ڌر جون ٺاھ لاء پهرين ڏينهن کان ڳالهيون هلندڙ آھن ۽ جوابدار ٺاه لاء ڪوششن ۾ آھن،  اڃان تائين ڌرين ۾ ٺاه نه ٿيو آھي باقي سندن وچ ۾ ڳالهيون ضرور جاري آھن

  ايندڙ تاريخ تي خبر پوندي ته ڌرين ۾ ٺاه جون ڳالهيون ڪيترو درست آھن. وسند ٿري چيو ته فريادي اڪيلي سر ٺاه نٿو ڪري سگهي باقي سڄو خاندان راضي هوندو ۽ کين ڪو فاندو مليو ته ٺاه ڪري سگهي ٿو. وڪيل ڀڳوانداس ڀيل چيو ته عدالت ۾ فريادي عالم ڀيل وڪيل پنهنجي معرفت جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نوآبجيڪشن جي درخواست ڏني آھي انڪري اسان ڪيس کان سائيڊ ٿي ويا آھيون، جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نو آبجيڪشن ڏيڻ ئي ڌرين وچ ۾ اندوني ٺاه جي تصديق آھي. ايندڙ شنوائي تي فريادي جي ٺاھ واري درخواست عدالت ۾ اچڻ جا واضع امڪان آھن

ھي به پڙھندا

دودو ڀيل سوڌو ٻين پورهيتن خلاف چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ جو انڪشاف