ڪابل (م ڊ) افغانستان ۾ پيٽ پالڻ لاءِ ٻار کپائڻ جو سلسلو جاري آهي. پرڏيهي صحافي رچرڊ اينجل هڪ تصوير  شيئر ڪئي آهي جنهن جي ڪيپشن ۾ هن لکيو آهي ته 8 ورهين جي بينظير ۽ 7 سالن جي صالحا جي خريداري لاءِ اڃا ڪو به نه آيو آهي جنهن ڪري سندس خاندان پريشان آهي. ٻنهي مان هر هڪ جي قيمت 2 هزار ڊالر لڳائي وئي آهي جيڪا پاڪستاني ڪرنسي ۾ ساڍا 5 لک رپين جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿي ۽ اها رقم ڏاج طور وصول ڪئي ويندي آهي. هن لکيو آهي ته ٻنهي جا پيئر چون ٿا ته اسان اهو نه ٿا ڪرڻ چاهيون ڇاڪاڻ ته سندن عمر تمام ننڍي آهي ۽ هو شادي جي لائق ناهن پر مجبور آهيون جو اسان وٽ پيٽ پالڻ ۽ قرض ادا ڪرڻ لاءِ رقم نه آهي.