حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي تعليمي بورڊ، تعليمي سرٽيفڪيٽن ۽ مارڪ شيٽس جي فين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. نئين نوٽيفڪيشن مطابق مارڪس سرٽيفڪيٽ جنهن جي في  اڳ ۾ 400 رپيا ورتي ويندي هئي تنهن جي نئين في 600 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. پاس سرٽيفڪيٽ جي في 300 رپيا مقرر ٿيل هئي جيڪا وڌائي 450 رپيا ڪئي وئي آهي. اهڙي ريت ويريفڪيشن جي في جيڪا هر سرٽيفڪيٽ تي 1200 رپيا مقرر ٿيل هئي اها وڌائي 1800 رپيا في سرٽيفڪيٽ ڪئي وئي آهي. مائگريشن سرٽيفڪيٽن جي فين ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي. اها في اڳ ۾ 1600 رپيا هئي جيڪا وڌائي 2400 رپيا ڪئي وئي آهي. نالي، پيءُ جي نالي، ذات ۽ ڄم جي تاريخ ۾ درستگي جي في جيڪا اڳ ۾ 700 رپيا هئي تنهن ۾ 300 رپيا اضافو ڪندي 1000 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. درست ٿيل پڪي سرٽيفڪيٽ جي في 2200 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي ۽ ڊپليڪيٽ پڪي سرٽيفڪيٽ جي في وڌائي 3300 رپيا ڪئي وئي آهي. فين ۾ واڌاري جو بورڊ جي ڪنٽرولر پاران نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نيون فيون 22 نومبر کان وصول ڪيون وينديون. نوٽيفڪيشن مطابق فين ۾ واڌاري جو فيصلو 12 ڊسمبر 2020ع جي بورڊ اجلاس ۾ ڪيو ويو هو.