درياهه جون ٻئي ڪنڌيون اسان جو ساهه

0
139
درياهه جون ٻئي ڪنڌيون اسان جو ساهه

   ڇا جو ليفٽ ڇا جو رائيٽ درياھه جون ٻئي ڪنڌيون اسان جي ساھه جي رڳن جيئان آھن،پاڻي جي ھٿرادو کوٽ جو ذميوار وفاق آهي جيڪو دادلي صوبي جي ريگستانن کي آباد ڪري سنڌصوبي جي آباد زمين تباھه ڪري اسانجو معاشي قتل ڪري رھيو آھيه ليفٽ رائيٽ جي ٽرم پاڻي کوٽ جي اصل سببن تان ڌيان ھٽائي پاڻي جي وارا بندي تان سنڌي ماڻھن کي پاڻ ۾ ويڙھائڻ جي سازش آهي. سياسي تحريڪون نه ھجڻ سبب پاڻي معاملي تي سنڌي ماڻھن جو مائينڊ سيٽ مٽايو پيو وڃي جنھن جو تازو مثال منھنجي ئي ضلعي قمبر شھداد ڪوٽ جي ھزارين ماڻھن سکر بئراج جي ليفٽ بئنڪ جي ڪئنالن تي ڌرڻو ھنيو ۽ اھو ٻڌائيندا رھيا ته کاٻي پاسي جو پاڻي بند ڪري ساڄي کي ڏنو وڃي، سياسي پارٽين کي اک پٽڻ گھرجي ته سندن خاموشي تي سالن جي محنت ڪئين ضايع ٿيڻ طرف پئي وڃي، پاڻي جي اصل چور بجاءِ ليفٽ رائيٽ جي چڪر ۾ الجھايو پيو وڃي. (فيس بوڪ وال تان ورتل)