سنڌي ٻولي-گولڊن جوبلي

0
125
سنڌي ٻولي-گولڊن جوبلي

سنڌي ٻولي کي دفتري ٻولي ڪرڻ جي گولڊن جوبلي جو مهينو آهي. جولاءِ 7،   1972 تي اهو بل پاس ٿيو هو. سرڪاري ادارا ته مست موالي وانگر هميشه نشي ۾ هوندا آهن. پر سگا، ساس، اختياريون کاتو ، ادبي بورڊ سڀ ڄڻ ته پنهجو وجود فنڊ وٺڻ ۽ پاڻ پڏائڻ لاءِ رکن ٿا. سنڌ سان تاريخ جي سڀ کان وڏي ويڌن هلي رهي آهي. اسان سنڌين صدين کان مختلف مذهبن ۽ مختلف ٻولين وارن سان گڏ رهڻ سکي ورتو آهي. سنڌ ۾ صدين کان مسلمان، هندو، سک، ٻڌ، جين  وغيره گڏ رهيا آهن. اسانجي ملڪ سنڌ ۾ سنڌي، بروهي، بلوچي، سرائڪي، گجراتي ڳالهائيندڙ صدين کان گڏ رهيا آهن. 1947 کانپوءِ  وڏو هاڃو ٿي ويو. سنڌ ۾ اهڙا ماڻهو اچي ويا جيڪي مختلف مذهبن ۽ مختلف ٻولين وارن سان گڏ رهڻ نه سکيا هئا. انهن اچڻ سان سنڌ مان غير مسلمانن کي تڙڻ شروع ڪيو. پوءِ  غير اردو ڳالهائندڙن کي تڙڻ شروع ڪيو. 50 سال اڳ سنڌ جي شهرن ۾ وڳوڙ شروع ڪري ڏنا  ۽ سوين ماڻهو مارجي ويا.  سنڌ جي راڄڌاني ۾ ڪرفيو لڳايو ويو. هاڻي سنڌي هندو نه پر سنڌي مسلمان نشاني تي هئا ڇو ته سنڌ مسلمان پنهنجي ٻولي ڇڏڻ لاءِ  تيار نه هئا. جيڪڏهن اسان گولڊن جوبلي ملهائي نه ٿا سگهون ته گهٽ ۾ گھٽ سنڌ جي آڪاش جيڏي وڏي جهولي کي ساراهايون جنهن ۾ جنهن ۾ وڇون ۽ نانگ به رهن ٿا. (فيس بوڪ وال تان ورتل)