دادو (رپورٽر) ٺٽو ۾ پسند جي شادي ڪندڙ  نوجوان سلمان ملاح جي پيءُ محمد صالح ملاح کي دادو جي خداآباد پوليس گرفتار ڪري 2 ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، گرفتار ڪيل جي وارثن دادو پهچي سيشن جج دادو جي عدالت ۾ ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪئي. گرفتار ڪيل محمد صالح ملاح جي زال مسمات صغري پنهنجي اخبار سان داهيندي چيو آهي ته پٽ سلمان واپڊا ملازم اقبال جي ڌيءُ سان پسند جي شادي ڪئي آهي جنهن تان ايس ايچ او خدآباد گهر تي ڇاپو هڻي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته جاچ ڪرائي محمد صالح تي داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري انصاف ڪيو وڃي.