ٽنڊو مستي (ن پ ا) ٽنڊو مستي ٿاڻي جي حد مان اغوا بعد بيدرديءَ سان قتل  ڪيل رٽائرڊ استاد ربنواز چانڊيو جا قاتل ظاهر، گرفتار جوابدارن قتل جو اعتراف ڪري ورتو، مقتول جا ويجها عزيز واقعي ۾ ملوث نڪتا، ڪيس ۾ علائقي جي بااثر سميت چئن ڄڻن جا نالا شامل، وڌيڪ گرفتارين جا امڪان. رپورٽ موجب ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد مان اغوا بعد بيدرديءَ سان قتل ڪيل رٽائرڊ استاد ربنواز چانڊيو جي قتل جي ملوث جوابدارن کي  ٽنڊومستي پوليس گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب جوابدارن علي شير عرف ڊبو چانڊيو ۽ ڌڻي بخش چانڊيو رٽائرڊ استاد ربنواز چانڊيو کي پلاٽ معاملي تان اغوا بعد قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايچ او ٽنڊو مستي غلام محمد بوزدار پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته رٽائرڊ استاد ربنواز چانڊيو جا قاتل سندس ويجها عزيز نڪتا آهن، جن ضلع ڪائونسل جي اڳوڻي ميمبر ايڊووڪيٽ حفيظ الله چانڊيو جي پلاٽ معاملي تان ساڻس گڏجي قتل ڪيو. وارڌات ۾ ٽنڊو مستي پوليس ٿاڻي جي اهلڪار عبدالوحيد چانڊيو جو نالو به سامهون آيو آهي جن جا نالا ڪيس ۾ شامل ڪيا ويا آهن. علي شير عرف ڊبو ۽ ڌڻي بخش چانڊيو اڳ ئي گرفتاري ڏئي چڪا آهن، باقي ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.