حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ رٽائرمينٽ کان مهينو  اڳ ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر کي غيرقانوني طور بدلي ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي تعليم کاتي جي سيڪريٽري ۽ چيف انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس سکر کي نوٽيس جاري ڪندي کين 10 مئي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ايجوڪيشن ورڪس کاتي سانگهڙ جي ايگزيڪيٽو انجنيئر منظور علي سامٽيو وڪيل محمد آصف شيخ معرفت درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ پاران رٽائرمينٽ کان مهينو اڳ کيس سانگهڙ مان عمرڪوٽ بدلي ڪري ڇڏيو آهي. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس ارشاد علي شاهه تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته فيبروري کان اپريل تائين ايگزيڪيٽو انجنيئر کي نوشهروفيروز مان ڪراچي، ڪراچي مان مٽياري، مٽياري مان سانگهڙ ۽ هاڻي سانگهڙ مان عمرڪوٽ 4 ڀيرا بدلي ڪيو ويو آهي جيڪو عمل غير قانوني آهي ڇاڪاڻ ته ڪنهن به عملدار کي رٽائرمينٽ کان 6 مهينا اڳ بدلي نه ٿو ڪري سگهجي. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ايندڙ ٻڌڻي تي سکر ۽ شهيد بينظير آباد جي سپرنٽنيڊنٽ انجنيئرز، ايگزيڪيٽو انجنيئرز خيرپور، سکر ۽ نوشهروفيروز کي به نوٽيس جاري ڪندي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.