دادو ( رپورٽر ) دادو شهر جي آدم سولنگي ڪالوني ڀرسان بجلي جي پول مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 15 سالن جو صيفل پٽ الھڏنو سولنگي سخت زخمي ٿي پيو ، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو جتي هو زخمن جي سٽ نه سهي فوت ٿي ويو آهي، وارثن موجب صيفل سولنگي جي گهر جي بجلي خراب ٿي پئي ته هو پول ۾ لڳل تار چيڪ ڪندي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو آهي ، ننگر جو مڙھ گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.