چوھڙ جمالي (ن پ ا) واپاري ايسوسيئيشن چوھڙجماليءَ جي اڳوڻي صدر مرحوم حاجي محمد موسيٰ ميمڻ جي گھر واري ۽ سيٺ عبدالعزيز ميمڻ ۽ حاجي محمد امين ميمڻ جي والده ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعدوفات ڪري وئي. مرحومه جي جنازي نماز ۾ ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي، ايم پي اي محمد علي خان ملڪاڻي، صادق علي ميمڻ، جماعت اھلسنت سنڌ جي امير مفتي محمد جان نعيمي، حافظ غلام محمد سوھو، قاضي محمد احمد نعيمي، پير رحماني، اڳوڻي صوبائي وزير حاجي عثمان خان ملڪاڻي، نصير شاھ شيرازي سميت سياسي سماجي ۽ مذھبي اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.