دادو سول اسپتال ۾ ڊاڪٽر نھ ھئڻ سبب معصوم ٻار فوت

0
192

دادو (ن پ ) دادوجي سول اسپتال جي ٻارڙن جي وارڊ ۾ ڊاڪٽر نه هئڻ سبب شهري سرفراز پنهور جو معصوم پٽ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، ڊاڪٽرن جي پهچڻ تي نينگر جي وارثن جي ڊاڪٽرن سان منهن ماري ڪئي، جنهن جي دوران پوليس پهچي نينگر جي وارثن سان ڳالهيون ڪري جهيڙو ٽاريو، فوتي نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي نينگر کي اسپتال کڻي آياسين ۽ 2ڪلاڪن تائين انتظار ڪيو پر ڊاڪٽر نه آيو، جنهن جي ڪري نينگر تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو آهي، واضح رهي ته هن کان اڳ به اهڙي قسم جا واقعا پيش اچي چڪا آهن.