خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ جاري ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ بخت علي ڏھوٽ ڪرڪيٽ ڪلب خيرپور ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. مون لائيٽ ڪرڪيٽ ڪلب خيرپور طرفان منعقد ڪيل شھيد بينظير ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي اھم رائونڊ ميچ ۾ بخت علي ڏھوٽ ڪرڪيٽ ڪلب بيٽنگ ڪندي 8 وڪيٽن جي نقصان تي 186 رنسون ٺاھيون، جواب ۾ سنڌ اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب  سکر جي سموري ٽيم 156 رنسون ٺاھي آئوٽ ٿي وئي. ميچ جو خاص مهمان ميمبر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ لالا تنوير احمد هو جڏهن ته ذوالفقار علي ڏھوٽ، نظير احمد ڦلپوٽو، غلام مرتضيٰ ڏھوٽ، نجم الحسن، عرفان علي ڏھوٽ، شھمير عباسي، رحمت الله مڱڻھار ۽ ٻين خصوصي طور شرڪت ڪئي.