ممبئي (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ مندر ۾ پوڄا لاءِ نقلي هاٿي رکيو ويو آهي. ڀارتي رياست ڪيرالا جي هڪ شهر ۾ اڙي نياڙا پلي رامن نالي هاٿي جي هڪ مندر ۾ پوجا ڪئي وڃي ٿي، جتي هندو مذهبي رسمن لاءِ نقلي هاٿي کي استعمال ڪيو پيو وڃي. ڄاڻايل نقلي هاٿي چئن ماهرن ٺاهيو آهي، جنهن تي پنج لک رپيا خرچ آيو، جيڪو ڏسڻ ۾ هوبهو اصلي هاٿي جهڙو آهي. جانورن جي حقن جي ماهرن موجب ان سان ملڪ ۾ جانورن جي حقن کي تحفظ ملندو. في الحال ان جو هڪ ماڊل رامن مندر ۾ موجود آهي، جيڪو مذهبي رسمن ۾ ڪم اچي رهيو آهي. هي ملڪ جو پهريون مشيني هاٿي آهي جنهن جو مقد جانورن کي ذهني مونجھارن ۽ پريشاني کان بچائڻ آهي. هنن ٻڌايو ته ڪيرالا رياست ۾ نه رڳو کوڙ سارا هاٿي ڪيقد آهن پر انهن کي تڪليف ڏئي ٻين صوبن ۾ به اماڻيو وڃي ٿو. جن کي استي مذهبي رسمن، سواري ۽ ٻين معاملن ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو.