دولتپور صفن (رپورٽ: پيرل پلي) دولتپور صفن ويجهو ڪار روڪڻ تان هٿياربندن جي پوليس تي فائرنگ، هڪ هٿياربند زخمي، 2 گرفتار، 3 ڄڻا شهري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار، پوليس جو چوڻ آهي ته پنجاب واسي هٿياربند ڪراچي مان ڦر ڪري راولپنڊي وڃي رهيا هئا، خبر موجب شاھپور جھانيان شهر ۾ ڳجهي اطلاع تي پوليس قومي شاهراهه تي ناڪابندي ڪري هڪ مشڪوڪ ڪار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪار ۾ ويٺل 5 ھٿيار بندن پوليس ۽ شهرين تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن دوران موقعي تي موجود ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، پوليس ۽ هٿياربندن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ هٿياربند قاسم زخمي ٿي پيو، پوليس زخمي هٿياربند سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪار تحويل ۾ وٺي ڇڏي، جڏهن ته 3 ڦورو وچ شھر مان فائرنگ ڪندي رستي ويندڙ کان موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پوليس موجب گرفتار ٿيلن ٻڌايو آهي ته سندن تعلق پنجاب جي شهر راولپنڊي سان آهي، پوليس موجب هنن اعتراف ڪيو آهي ته هو ڪراچي مان هڪ گھر مان ڌاڙو هڻي پنجاب وڃي رھيا ھئا ته مقابلو ٿيو، پوليس موجب شھرين ٻڌايو آهي ته فرار ٿيلن مان هڪ جي هٿ ۾ ٿيلهو پڻ هو، پوليس موجب معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.