خيرپور ۽ نوشهروفيروز ضلعي ۾ زرعي پاڻي جي سنگين کوٽ وارو مامرو عدالت پهچي ويو

0
214
Sukkur Court

سکر (بيورو رپورٽ) خيرپور ۽ نوشهروفيروز ضلعي ۾ زرعي پاڻي جي سنگين کوٽ وارو مامرو عدالت پهچي ويو، آبادگارن زرعي پاڻي جي کوٽ ۽ چوري خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران آبادگارن جي وڪيل چيو ته زرعي پاڻي نه ملڻ سبب زرعي زمينون غيرآباد ٿي ويون، فصلن جي پوکي لاءِ ته پاڻي اڳ ئي نه هو، هاڻي پيئڻ جو پاڻي به نٿو ملي، جسٽس فهيم احمد صديقي ريمارڪس ڏيندي چيو ته غريب آبادگارن کي پاڻي نٿو ملي، پر ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ وزيرن کي پاڻي ملي رهيو آهي، ايڊيشنل اي جي سنڌ عدالت کي آگاهي ۾ چيو ته آبپاشي وزير اسيمبلي جي فلور تي چيو آهي ته ارسا سنڌ کي پاڻي نٿي ڏئي، عدالت ارسا کي طلب ڪري، پاڻي کوٽ خلاف درخواست تي ٻڌڻي 29 جون تائين ملتوي ڪئي وئي.