سوئي گئس (ن پ ا) سدا رنگ واھ جي پڇڙي جي آبادگارن پاران 10 هين ڏينھن به سدا رنگ واھ جي پُل تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي آبادگارن رحيم ڏنو، محمد جڙيل، لالڻ سنڌي، حبيب الله، وزيرِ احمد ويسر، مبين شنباڻي، بشير احمد ۽ ٻين دانهيندي چيو ته 6 مهينن کان سدا/ڏسو صفحو 8 بقايا 09
رنگ واھ ۾ پاڻي بدران واري اڏامي رهي آهي، 10 ڏينهن کان بک هڙتالي ڪيمپ لڳائي ويٺا آهيون پر ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن چيو ته پاڻي کوٽ سبب زمينون بنجر بڻيل آهن، نوٽيس وٺي واهه ۾ پاڻي پهچائي انصاف ڪيو و ڃي.