خيرپورناٿن شاھ (ن پ ا) خيرپور ناٿن شاهه ويجهو  ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر سبب پيرسن فوت ۽ 1 ڄڻو زخمي ٿي پيو. انڊس هاء وي تي تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ سيناڻي لاکير جو رهواسي پيرسن 70 ورهين جو لال بخش لاکير شديد زخمي ٿي پيو، جڏهن ته ۾ ڪار سوار شڪارپور مدئجي جو رهواسي سابقه ضلع زڪوات چيرمين سيد اعجاز علي شاھ زخمي ٿي پيو، ٻنهي زخمين کي تعلقا اسپتال خيرپورناٿن شاھ پهچايو ويو. جتي زخمي پيرسن لال بخش لاکير کي ڊاڪٽرن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جيڪو رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.