ميرواهه گورچاڻي (رپورٽ: مظهر گورچاڻي) ميرواھ گورچاڻي ڀرسان ٻارن جي ڳالهه تان مڙس زال کي مٿي ۾ سوٽيون هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار گرفتار، خبر موجب ڳوٺ ڀڳت ھرشن  ۾ جوابدار ڪيول ڪولھي ٻارن جي معمولي ڳالهه تان پنهنجي 28 ورھين جي زال مڻي ڪولهي کي مٿي ۾ سوٽيون هڻي سخت تشدد جو نشانو بڻائي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي جهلوري پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال ميرپور خاص منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس بروقت ڪارروائي ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدار ڪيول ڪولھي جو چوڻ آهي ته هن گهر واري کي ٻارڙن کي تيار ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن تان هن انڪار ڪيو، جنهن تي ڪاوڙ ۾ اچي ڪپڙن سٽڻ واري سوٽي سان کيس مٿي ۾ ڌڪ هنيا، جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ سخت زخمي ٿي پئي ۽ اسپتال ويندي رستي ۾ دم ڏنو، ناري جي وارثن چيو ته جوابدار ڪيول ڪولھي اسان جي نياڻي کي بيگناهه سخت تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو،