پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان ڀت ڪرڻ سبب  نينگر دٻجي فوت ٿي ويو، ان ڏس ۾ پنوعاقل ڀرسان گگل واري علائقي ۾ 10 سالن جو احسان سومرو گھر ۾ راند کيڏي رھيو ھو ته سندس مٿان ڀت ڪري پئي، نتيجي ۾ نينگر موقعي تي ئي دٻجي فوت ٿي ويو. وارثن نينگر کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن پاران سندس موت جي تصديق ڪئي وئي.