خيرپورناٿن شاه (ن پ ا) خيرپورناٿن شان ۾ گذريل ڏينهن ڪريانه جي هول سيلر واپاري گل حسن شيخ جي منشي سرفراز احمد ٿيٻو کان 6 لک 80 هزار رپيا ڦر ڪندڙ ڦورن کي پوليس گرفتار ڪري نه سگهي آهي واپاري اتحاد جي سڏ تي وڌندڙ بدامني خلاف متاثر واپاري سرفراز علي ٿيٻو،  اعجاز علي سومرو، عرفان علي شيخ، ذوالفقار قريشي، سجاد علي چنو، حميد سومرو، سعيد احمد قمبراڻي، سعيد احمد شيخ، امداد علي چانڊيو، دائم سولنگي، فهيم علي شيخ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي واپارين دانهيو ته گذريل ڏينهن وپاري گل حسن شيخ جي ڪريانه جي هول سيل جي دڪان تان ٽي ڦورو هٿيارن جي زور تي ڏينهن ڏٺي جو يرغمال بڻائي 6 لک 80 هزار رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا پوليس اگهور ننڊ ستل آھي اسين واپاري غير محفوظ بڻجي ويا آھيون اسين پنهنجن گهرن دڪانن تي محفوظ ناهيون هنن دانهيو ته ايس ايچ او ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاء تيار ناهي ڦورو گرفتار ڪري ڦر ٿيل پئسا واپس نه ڪرايا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو اسين آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي حيدرآباد کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته واپاري کان لکين رپين جي ڦر جو نوٽيس وٺي واپارين مان بيچيني ختم ڪري ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ شھر ۾ شٽر بند هڙتال جو سڏ ڏنو ويندو.