حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڦليلي ٿاڻي جي پوليس عدالتي حڪم بعد ايس ڊي او ڦليلي خلاف صارفين جي ميٽر چوري ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. آفندي ٽائون جي رهواسي سيد محمد ذيشان ففٿ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته 13 جنوري 2021ع تي هو دڪان کان واپس پنهنجي گهر پهتو ته سندس گهر جي بجلي بند هئي جنهن تي هن ٻاهر وڃي ڏٺو ته سندس ميٽر غائب هو. ميٽر غائب ڏسي هن پاڙي وارن کان پڇا ڪئي ته پاڙي وارن کيس آگاهي ڏني ته حيسڪو سب ڊويزن ڦليلي جو ايس ڊي او سهيل ڪنڀر ۽ خالد کوسو نالي شخص سندس ميٽر لاهي کڻي ويا آهن. عدالت سندس درخواست تي 23 فيبروري 2021ع تي ڦليلي ٿاڻي جي پوليس کي حڪم ڏنو ته درخواست گذار جو موقف ٻڌي جاچ بعد الزام هيٺ آيل ايس ڊي او حيسڪو خلاف ڪيس داخل ڪري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي. عدالتي حڪم کانپوءِ 70 ڏينهن بعد ڦليلي ٿاڻي جي پوليس سيد محمد ذيشان جي فرياد تي ايس ڊي او ڦليلي سهيل ڪنڀر ۽ خالد کوسو خلاف ميٽر چوري ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن حيسڪو ترجمان صادق ڪٻر ڄاڻايو آهي ته آفندي ٽائون ۾ ڄاڻايل شخص گهر ۾ چوري جي بجلي استعمال پئي ڪئي. سندس ميٽر غائب هو. چيڪنگ دوران اهڙو اطلاع ڦليلي سب ڊويزن جي ايس ڊي او سهيل ڪنڀر ڦليلي ٿاڻي جي پوليس کي به ڏنو هو ته جيئن بجلي چوري ڪندڙ شخص خلاف ڪيس داخل ٿي سگهي پر پوليس ايس ڊي او جي ليٽر کي اهميت نه ڏني جنهن بعد بجلي چور ايس ڊي او خلاف عدالتي سهارو وٺي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي. پوليس ڪيس داخل ڪرڻ باوجود ڪيس ۾ نامزد ايس ڊي او توڙي سندس ملازم کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.