سيٺارجا (ن پ ا) ٻه ڏينهن اڳ شاھ حسين باءِ پاس خيرپور روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل ڳوٺ فضل محمد سهتو واسي محمد يوسف سهتو ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيومحمد يوسف اين آءِ سي وي ڊي سکر ۾ سيڪيورٽي گارڊ طور ملازم هو، نوجوان روڊ حادثي ۾ ٿيڻ بعد کيس ريسڪيو عملدارن خيرپور سول اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتان حالت انتهائي خراب ٿي وڃڻ سبب وارثن پاران علاج لاءِ ڪراچي جي آغا خان اسپتال نيو ويو هيو جتي نوجوان زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو .