پڊعيدن (ن پ ا) پڊعيدن وارڊ نمبر 1 جي رهواسڻ 55 ورهين جي عورت زرينا زال عبدالحڪيم لاشاري 6 ڏينهن اڳ نصرت ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي مبينا طور خودڪشي ڪئي هئي جنهن جو لاش 6 ڏينهن گذرڻ بعد پڊعيدن ويجهو تيتري موري وٽان ڪئنال هٿ آيو. لاش کي ڏسي ڳوٺاڻن پاران وارثن ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، جنهن کان پوءِ پوليس پهچي لاش اسپتال اسپتال پهچايو جتي ضروري ڪاروائي کان پوءِ عورت جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏھن ته لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.