ملاڪاتيار (ن پ ا) ملاڪاتيار ڀرسان نصير واهه مان لاش هٿ ڪيو ويو، جنهن جي سڃاڻپ ملاڪاتيار واسي 7 ورهين جي افنان شاهه ولد قائم شاهه طور ٿي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته نينگر هڪ ڏينهن اڳ گهران نڪري پراسرار نموني گم ٿي ويو هو، ٻي طرف نينگر جو مڙهه گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.