سکر (بيورو رپورٽ) نيب پاران احتساب عدالت سکر ۾ خوراڪ کاتي شڪارپور ۾ سرڪاري ڪڻڪ ۾ وڏي پئماني تي گهوٻين واري معامري جو ڊپٽي ڊائريڪٽر خوراڪ رفيق راڄپر، ڊي ايف سي اشرف سميت ٻين مٿان 19 ڪروڙ 70 لک 84 هزار 3 سئو 36 رپين جو ريفرنس داخل ڪرايو هو، ڪالهه احتساب عدالت جي جج فريد انور قاضي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪيو، ڊپٽي ڊائريڪٽر خوراڪ سميت ريفرنس ۾ شامل پنجن جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. عدالت ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 25 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.