خانپورمھر: ٻن مغوين جي بازيابي جي بدلي ڏوهاري به آزاد

0
213
ايس ايس پي گهوٽڪي

خانپورمھر(ن پ ا) مهر برادري جي ٻن مغوين جي بازيابي جي بدلي ايس ايس پي گهوٽڪي گرفتار مبينا ڏوهاري الياس پتافي کي آزاد ڪرائي ڇڏيو

گذريل رات ايس ايس پي گهوٽڪي گرفتار الياس پتافي کي ايس ايس پي گھوٽڪي جي ٽيم خانپورمھر مان ميرپورماٿيلو کڻائي وئي جتان کيس بااثر حوالي ڪيو ويو، پوليس پاران مبينا ڏوهاري الياس پتافي کي بااثر ماڻهو حوالي ڪرڻ کانپوءِ ٻنهي مغوين امتياز ۽ ممتاز مهر کي آزاد ڪيو ويو

واضع رهي ته گذريل ڏينهن پوليس پاران مبينا ڏوهاري الياس پتافي کي گرفتار ڪرڻ تان مهر ۽ پتافي برادري ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي هئي

 پتافي برادري جي هٿياربند سردار ڳڙهه واسي ٻن نوجوانن امتياز ۽ ممتاز مهر کي اغوا ڪيو هو، بعد ۾ گرفتار شخص جي ڀاءُ اڪرم عرف اڪرو پتافي وڊيو رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي رکيو جنهن ۾ هن ڀاءُ جي آزادي بدلي نوجوانن کي آزاد ڪرڻ جو شرط رکيو هو

ٻڌايو پيو وڃي ته الياس پتافي مٿان يارو لنڊ ٿاڻي تي چوري جي ڪيس م روپوش آھي

ھي به پڙھندا

خانپور مهر ڀرسان 2 نوجوان مبينا طور اغوا