خانواھڻ (ن پ ا) خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ گل سولنگي ۾ پسند پرڻي جي تڪرار تان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ گولي لڳڻ سبب فدا حسين سولنگي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڪوٽڙي ڪبير اسپتال آندو ويو، جتان کيس نوابشاهه جي پي ايم سي اسپتال نيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته 2 مھينا اڳ زخمي ٿيل جي ڀاءُ مالھو سولنگي ساڳي ئي ڳوٺ جي  ڏنو سولنگي جي ڌيءُ سان پسند جو پرڻو ڪيو ھو، جنھن تان ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، پوليس رپورٽ داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.