مٽياري (رپورٽر) مٽياري ويجھو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار زال مڙس فوت ٿي ويا. ان ڏس ۾ کيبراڻي پوليس  موجب کيبراڻي ٿاڻي جي حد ۾ ٽنڊو آدم روڊ تي موٽر سائيڪل ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ زال مڙس فوت ٿي ويا آهن،  جن جي سڃاڻپ ڪوٽڙي  واسي حاڪم علي ڀٽي ۽ مسمات بشيران ڀٽي طور ٿي آهي، پوليس موجب فوتين جا لاش ضروري ڪارروائي لاءِ مٽياري اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، روڊ جي ڀر ۾ ڪيلي جي ٽرڪ ڀرجڻ لاءِ بيٺل هئي ته موٽر سائيڪل اچي ان ۾ لڳي آهي.