سن: چوري الزام ۾ گرفتار جوابدار لاڪ اپ ٽوڙي فرار

0
267

سن جي ڇڇر ٿاڻي مان چوري جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار لاڪ اپ ٽوڙي فرار ٿي ويو آهي، پوليس جوابدار جي فرار ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي

پوليس جوابدار ضياءَ شاهه کي گذريل ڏينهن چوري جي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ڇڇر ٿاڻي ۾ لاڪ اپ ڪيو هو

جوابدار جي فرار ٿيڻ بعد پوليس اهلڪارن ۾ ٿرٿلو متل آهي، جڏهن ته ڪيترائي ڪلاڪ ڳولا باوجود جوابدار پوليس کي هٿ نه اچي سگهيو آهي

پوليس موجب گذريل ڏينهن چوري ڪيس ۾ جوابدار ضياءَ شاهه کي گرفتار ڪيو ويو هو، جيڪو اڄ فرار ٿي ويو