حڪومت نسوار ۽ تماڪ جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت مقرر ڪري ڇڏي

0
229
نسوار ۽ تماڪ جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت مقرر
حڪومت نسوار ۽ تماڪ جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت مقرر ڪري ڇڏي

اسلام آباد: حڪومت تماڪ ۽ نسوار جي گھٽ ۾ گھٽ قيمت مقرر ڪري ڇڏي آهي. ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تماڪ ۽ نسوار جي گهٽ ۾ گهٽ قيمتن جو فيصلو ڪيو ويو

اي سي سي موجب ڪاري تماڪ جو اگهه 149 رپيا 9 رپيا في ڪلو ۽ اڇي پتي واري تماڪ جي قيمت 123 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي

 اي سي سي موجب نسوار توڙي حقي ۾ استعمال ٿيندڙ تماڪ جي قيمت 123 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي