حڪومت شهباز شريف کي ٽيهر جيل ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي: مريم اورنگزيب

0
213
حڪومت شهباز شريف کي

اسلام آباد: نواز ليگ جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت شهباز شريف کي ٽيهر جيل ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، شهباز شريف خلاف هيل تائين ڪنهن به منصوبي ۾ ڪرپشن جا ثبوت نه مليا آهن

ميڊيا سان ڳالھائيندي ھن چيو تھ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جا جوابدار اسٽي تي ويٺل آهن ڪووِڊ فنڊ ۾ 40 ارب رُپين جو ڌاڙو هنيو ويو، وزيراعظم جي ڪووڊ فنڊز جي هيل تائين  جاچ ناهي ٿي، رڳو نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز جي مانيٽرنگ ٿي رهي آهي

بجلي، گئس ۽ اٽي چوري جي به جاچ نٿي ڪرائي وڃي، حڪمرانن کي خبر آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ عوام ووٽ نه ڏيندو، تنهنڪري سازش سان اي وي ايم مشين آڻي رهيا آهن، انشاءَ الله ايندڙ چونڊن ۾ اي وي ايم استعمال نه ٿيندي