ٿر جتي ماڻھپو جيئرو آهي

0
285
ٿر جتي ماڻھپو جيئرو آهي

 زندگي ۾ سکڻ جا ڪيترائي رستا آهن. نصابي تعليم، ادبي ڪتاب، والدين،  ذاتي مشاھدا، سٺن ماڻھن جي صحبت، دوست ۽ سفر. سفر انسان کي نئين معلومات ٿو ڏئي، نون ماڻھن سان ملاقات ٿو ڪرائي، سکڻ جون نيون راھون ٿو کولي. ماڻھو ٿر ۾ ڏسڻ لاءِ جايون ڳوليندا آھن مان سمجھان ٿو ٿر سمورو ئي ھڪ سائيٽ آھي جنھن جو ھنڌ ھنڌ ڏسڻ ۽ گھمڻ جھڙو آھي. مان ٿر  چار ڀيرا ويو آھيان پر ٿر ھر ڀيرو اڳ کان وڌيڪ پرڪشش لڳو آھي ۽ نيون ڳالهيون مشاھدي ھيٺ آيون آهن.

مٺي شھر ۾ رات رھي گڊي ڀٽ تان شھر جو نه وسرندڙ حسين نظارو ڏسي صبح سان گيسٽ ھائوس کان ٻاھر نڪتس ته ھڪ ھمراھه رستي تي ڪا اڇي شيءَ ڇڻڪي رھيو ھو. مون پڇيو مانس ڇا ٿا ڪيو ته وراڻيائين ته ڪيڙن مڪوڙن لاءِ پيو ھاريان. مان پڇيومانس ته ڪيڙن مڪوڙن کي مارڻ لاءِ؟ ته چيائين نه انھن جو داڻو آھي. اھي به کائن. مان حيرت وچان کيس ڏسندو رھيس. اڄ جڏھن ماڻھو ماڻھو کي کاڌو نه ٿا ڏين ھي انسان ڪيڙن مڪوڙن جي حياتيءَ جو اونو ٿا رکن!  مھين جي دڙي مان نڪرندڙ خوبصورت ڏاندن جي سڱن جھڙا ڏاند ۽ ڳئون سڄي ٿر ۾ بنا ڪنھن خوف ۽ خطري جي آزاديءَ سان گھمي ڦري زندگيءَ جو مزو وٺي رھيا ھئا. روڊ به انتھائي فضيلت سان ھڪ قطار ٺاھي پار ڪري رھيا ھئا. ساڳيو ئي حال مورن جو ھو جيڪي به ٺينگ ٽپا ڏئي ڪڏي رھيا ھئا. ڪڏھن ھڪ ڀت تي چڙھن ته ڪڏھن ٻي ڇت تي. ٿر جو امن ۽ سڪون انھن جانورن جي وھنوار منجھان بکي رھيو ھو.

مون کي ٿر جي چئونرن ڏسڻ جو شوق ھجي. پر ايئن وڃڻ کان ڊڄان پيو ته متان گھر وارن کي خراب لڳي يا اوپرو ماڻھو گھر اچڻ تي ڪاوڙجن. مون ھڪ ماڻھو کي چيو اسان کي چئونرا ڏسڻا آھن ان چيو توھان ڳوٺ اندر ھليا وڃو، ڪو مسئلو ناھي. پوءِ اسان اندر وڃي چئونرا ڏسي آيا سين جيڪي تمام منفرد ۽ خوبصورت گھر ھئا. ھر چئونرو ھڪ الڳ ڪمرو ھجي جنھن اندر ڪانست ٺھيل ھئي جيڪا سامان رکڻ جي جڳھه ھئي. جيڪي ماڻھو جانورن، پکين ۽ جيتن جڻن جو به حياءُ رکندا ھجن سي انسانن جو ڪيترو قدر ڪندا ھوندا.

اھو ماڻھپو مونکي رستي تي ڪار ھلائيندي به واضح طور تي نظر آيو. اسان ڪراچيءَ جا رھواسي جن کي ٽرڪن وارا اصلي جاءِ نه ڏيندا آهن ايتري حد تائين جو ٽرالر، ٽرڪ يا بس مٿان چاڙھي ڇڏڻ ۾ به نه ڪيٻائن. پر ھتي ٽرڪون پاڻ ئي پاسي تي ڪري ھٿ جي اشاري سان اڳتي نڪرڻ لاءِ دعوت پيون ڏين، جو رستو ڪٿي ڪٿي تمام سوڙھو ھو. محبتي ماڻھن جي ديس ٿر ۾ ھارن ڏيڻ جي ضرورت ئي نه پئي پوي. مون ماڻھن کي ڪوھن جا ڪوھه پنڌ ڪندي ڏٺو. ٿر امن امان جي لحاظ کان به ريس ڪرڻ جھڙو آھي. نه چوري چڪاري، نه ڦر نه قتل جون وارداتون. ھي ماڻھو بک ھوندي به چڪ نه ٿا ھڻن.

ٿر ۾ وري مسلمان اقليت ۾ آهن پر ھو مسلمانن جو ھر مذھبي تھوار ساڻن گڏجي ملھائين ٿا. ڏک سک ۾ گڏ ھجن ٿا.  مسجد مندر ھڪٻئي جون پاڙيسريون آھن. ھندو مسلمانن وچ۾ ڪو تعصب ناھي. سندن اھو ڀائيچارو مثالي آهي جيڪو ظاھر ٿو ڪري ته ٻين جاين تي موجود نفرت ۽ تعصب ھٿراڌو آھي.

ننگر پارڪر جي سونھن ڪارونجھر جبل کي بين الاقوامي سائيٽ ڊڪليئر ڪرڻ گھرجي. ھي جبل ڪيترو خوبصورت آهي سو تصويرن ۾ بيان ڪرڻ مشڪل آهي. اسان اڪثر ڪارونجھر جبل کي صبح جي وقت ڏسڻ ويندا آھيون. ھن ڀيري اسان شام جي وقت وياسين ته ھي جبل ويتر حسين لڳي رھيو ھو. سندس گھرو رنگ شام کي ھڪ نئون رنگ ڏئي رھيو ھو. ھي سڄو جبل گرينائيٽ آھي جيڪو ماربل کان به قيمتي پٿر آهي. ھن سال ڪلچر جي منسٽر سردار شاھه جي ڪوششن سان ٻه سٺا ڪم ٿيا آھن. ھڪ لوھي پل ٺاھي وئي آھي. وسڪاري دوران جڏھن جبل منجھان پاڻي ھيٺ ڪري ھڪ نديءَ جي صورت اختيار ڪري وھي ٿو ته ان حسين منظر جو نظارو ھاڻي ھن پل مٿان بيھي ڏسي ٿو سگھجي.

ٻيو ڪارونجھر جي چوٽي تي پھچڻ لاءِ جبل ۾ سيمينٽ جا ڏاڪا ٺاھيا ويا آهن جيئن چوٽيءَ تائين آسانيءَ سان پھچي سگھجي. اسان چوٽيءَ تائين ته نه وياسين پر اھو نظارو ضرور تمام گھڻو دلڪش ھوندو. يورپ وارا ھائيڪنگ کي ڏاڍو انجواءِ ڪندا آهن. پنھنجي موڪل وارو ڏينھن ھائيڪنگ ڪندي گذاريندا آھن. انھن ڏاڪڻين جي ٺھڻ کانپوءِ ڪارونجھر جبل ھاڻي ھائيڪنگ جي به جڳھه بڻجي ويو آهي. جيڪڏھن ھن سائيٽ جي صحيح طريقي سان ايڊورٽائيزمينٽ ڪئي وڃي ته ٻاھرين ملڪن مان سياح وڏي تعداد ۾ ڪارونجھر ڏسڻ اچن ۽ سٺي آمدني ٿئي.

ٿر جا روڊ ڏسي رشڪ پيو اچي. اھڙو روڊ ته ڪراچيءَ جي شاراھه فيصل جو به نه آھي. خبر پئي ته اھو چائنا جي سھڪار سان ٺھيو آھي. ان لاءِ ئي ايڏو جٽادار به آھي. ھا باقي سلام ڪوٽ کان ننگر تائين روڊ تمام خراب آھي. اسان ڪيترائي سال اڳ ويا ھياسين تڏھن به اھڙو ئي ھو ۽ اڃان تائين به ساڳئي حال ۾ آهي. ٻڌڻ ۾ آيو ته ڪو نئون روڊ پلاننگ ۾ آھي جيڪو جلد ٺھڻ گھرجي.  ٻيو ته ٺھيو مارئي جو کوھه مين روڊ کان فقط ٻه ڪلوميٽر کن  پري ھوندو اھو روڊ به نه ٺھيو آھي.

روپلو ڪولهي ھوٽل جي بلڊنگ ته تمام شاندار آھي جيڪا پڻ سردار شاھه جي ڪاوشن جو نتيجو آهي پر ان جو ڪرايو مٺيءَ جي نجي گيسٽ هائوس کان به مھانگو آھي. اھو جيئن ته سرڪاري ريسٽ ھائوس آھي ان ڪري پرائيويٽ گيسٽ ھائوس کان سستو ھجڻ گھرجي. اڄ ڪلھه انٽرنيٽ ۽ واءِ فاءِ جي سھولت کانسواءِ دنيا سان رابطي ۾ خلل پئجي ٿو وڃي . حيرت ٿي جڏھن روپلو ڪولهي ريسٽ ھائوس  وارن ٻڌايو ته واءِ فاءِ موجود نه آهي. يوفون جا سگنل به نه ھئڻ جي برابر ھئا جنھن ڪري فون ۽ انٽرنيٽ نيٽ جي استعمال ۾ تڪليف پئي آئي.

ڪاسبي ۾ سنڌ جو بھترين راڳي يوسف فقير ھن ڀيري وڏي جلال ۾ نظر آيو. بلھي شاھ جو ڪلام “عشق ۾ سر نه ديا” اھڙي سنڌي ڪلاسيڪل انگ ۾ ٻڌايائين جو منھن مان ابول نڪري ويو. اھڙي فنڪار کي سنڌ جي ڪلچر ڊپارٽمينٽ کي وڌ ۾ وڌ ڊاڪومينٽ ڪرڻ گھرجي. ٿر جي جيڪا فوڪ موسيقي آھي ۽ ٿري گيت آھن انھن کي رڪارڊ ڪرڻ گھرجي. مان ته اھا تجويز به ڏيندس ته ان ايجنڊا تحت ھڪ وڏو پروگرام ڪرائڻ گھرجي جنھن ۾ ٿري فنڪار اچي ٿري گيت ڳائن ۽ سڄو ملڪ اچي کين ٻڌي عجب کائي ۽ سندن فن جو قدر ڪري.

ٿر گھمڻ ويندڙن کي ٿر گھمڻ سان گڏوگڏ اتان جي ماڻھن سان ڪچھريون به ڪرڻ گھرجن، حال احوال به وٺڻ گھرجي جيئن انھن جي مسئلن  جي خبر پوي ۽ تن جي حل لاءِ ڪي ڪوششون وٺي سگھجن.