اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن ڊاڪٽر شيرين مزاري جي ٻيهر گرفتاري تي توهين عدالت جي درخواست تي آءِ جي اسلام آباد کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي، اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت چيو ته پنجاب پوليس سڌي ريت اسلام آباد مان ڪنهن کي گرفتار نٿي ڪري سگهي اسلام آباد پوليس ان معاملي کان ڌار نٿي ٿي سگهي، ڇا پنجاب پوليس کي اسلام آباد پوليس گهرايو هو؟ ڇا شيرين مزاري کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي؟ جنهن تي وڪيل چيو ته شيرين مزاري کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻڌڻي دوران جسٽس ميان گل حسن جذباتي ٿي ويو ۽ چيو ته ان ڪيسز تي عدالت کي ڪجهه ڳڻتي آهي، عدالت جي رٽ هن ملڪ جو وقار آهي، آئيني عدالت خلاف هڪ مهم هلائي پئي وڃي، اسان ججز ٽاڪ شوز نٿا ڪري سگهون، اسان اتي ويهي نٿا ڳالهائي سگهون، اٽارني جنرل اعليٰ اٿارٽي سان اهو معاملو رکي. اٽارني جنرل چيو ته هي ملڪ آئين تحت ئي هلڻو آهي، عدالتن کي آئين تحت ۽ آئين جي دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻو آهي، جسٽس ميان گل حسن چيو ته هي وقت گذري ويندو، پر ان جا اثر برقرار رهندا، حڪومت جي ڪوشش آهي ته عدالتي رٽ کي شڪست ڏني وڃي، اسان چئون ٿا ته سولائيزڊ ملڪ آهي، عدالتي حڪم سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ثابت نٿو ڪري، جيڪي پرتشدد واقعا ٿيا انهن جو دفاع نٿو ڪري سگهجي، اسان هتي صرف سروس لاءِ آهيون. ان موقعي تي عدالتي ڪمري ۾ موجود وڪيل روسٽرم تي اچي ويا ۽ چيو ته اسان عدالت سان گڏ آهيون، عدالت آءِ جي اسلام آباد کي نوٽيس جاري ڪندي پڇاڻو ڪيو ته ڇا عدالتي حڪم باوجود شيرين مزاري کي پنجاب پوليس حوالي ڪيو ويو؟ عدالت ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.