لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي نگران حڪومت دهشتگردن کي غيرمعمولي سهولتڪاري پهچائڻ تي هڪ جج خلاف ريفرنس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي، نگران وزيراعليٰ پنجاب محسن نقوي جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ 9 مئي واقعن ۾ ملوث شرپسندن خلاف قانوني ڪارروائي تي ٿيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، واقعن ۾ ملوث جوابدارن جي نشاندهي ڪندڙن لاءِ روڪ انعام ڏيڻ جي منظوري به ڏني وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته دهشتگردن کي غيرمعمولي سهولتڪاري پهچائڻ تي هڪ جج خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويندو، نامزد جوابدارن کي غيرقانوني ۽ غير آئيني سهولتڪاري جو فيصلو به چيلنج ڪيو ويندو، اجلاس ۾ چيو ويو ته نامزد جوابدارن کي سهولتڪاري انصاف جي قتل برابر آهي، واقعن ۾ ملوث جوابدارن سان رعايت نه ٿيندي، گرفتاري يقيني بڻائي ويندي.