ڪوئيٽا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي قافلي تي خودڪش ڌماڪو، سراج الحق محفوظ رهيو. شروعاتي اطلاعن موجب زوب ۾ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي قافلي ويجهو ڌماڪو ٿيو پوليس موجب سراج الحق محفوظ آهي، ڌماڪي ۾ 7 ڪارڪن زخمي ٿي پيا، شروعاتي اطلاعن موجب مبينا خودڪش ڌماڪو هو ، جنهن تي ڌماڪو ڪندڙ دهشتگرد مارجي ويو آهي زوب ۾ سراج الحق جو جلسو  کي خطاب ڪرڻو هو.