ميرو خان (ن پ ا)  جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين صنعان خان قريشي، مومن سمون سان گڏ، ميرو خان جي ڳوٺ ميهر خان جتوئي پهچي، جسقم ميرو خان تعلقي جي صدر صوبدار خان جتوئي سان چاچي جي وفات تي تعزيت ڪئي، جڏهن ته جسقم ميڊيا سينٽر قاسم آباد ،حيدرآباد مان جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام مرڪزي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي،امجد خان مهيسر،ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ،مومن سمون،ديدار شام ،ڏاڏو اطهر سومرو گڏيل مرڪزي پڌرائي ۾ چيو آهي ته وفاق ۽ سنڌ جي حڪمرانن سنڌ جا گڏيل طور تي وسيلا لٽي، فري سنڌ کي ايٿوپيا بڻائي ڇڏيو آهي، خوشحال سنڌ جا ماڻهو بک، بدحالي، بيروزگاري کي ڀوڳي رهيا آهن، حڪمران برساتي ٻوڏ ۾ سنڌ کي ٻوڙي سنڌ جي نالي تي دنيا کان امداد ورتي آهي پر سنڌي ماڻهن کي رهڻ لاءِ اجھو، کائڻ لاءِ ماني به ناهي، ماڻهو بدحالي، بيوسي جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، هنن چيو ته سنڌ جا وسيلا سنڌ تي استعمال ڪيا وڃن ته سنڌ مان غربت ختم ٿي سگهي ٿي، هنن چيو ته سنڌ ۾ موجود افغانين، برمين، بھارين ،بنگالين سميت سمورن غير قانوني ڌارين کي نيڪالي ڏئي سنڌ ۾ امن امان کي بحال ڪيو وڃي، ڌاري آبادي سنڌ جي امن، سڪون، تهذيب جي مخالف آهي، هنن چيو ته سنڌ جو ڪلچر صوفي مزاج کي کي اهميت ڏئي ٿيو، ڌاريو ڪلچر سنڌ جي ريتن، رسمن، رواجن، سهپ، رواري جي خلاف آهي تنهن ڪري ڪلچر ۽ تهذيب جي مخالف غير قانوني ڌارين کي بنا دير نيڪالي ڏني وڃي.