ملير(رپورٽر) گلشن حديد مان 12 ڏينهن اڳ مبينا طور تي اغوا ٿيل ناري لاهور مان هٿ، هڪ جوابدار گرفتار، سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، خبر موجب جاچ پوليس اسٽيل ٽائون لاهور جي علائقي شفيق آباد ۾ ڪارروائي ڪري جوابدار طلحه محمود کي گرفتار ڪري سندس نشاندهي تي 12 ڏينهن اڳ گلشن حديد فيز ون مان مبينا طور تي اغوا ٿيل ناري انعم صهيب کي بازياب ڪرائي ورتو. جاچ آفيسر موجب 14 نومبر تي گلشن حديد فيز ون مان انٽرويو لاءِ نڪرڻ بعد گم ٿيل ناري انعم صهيب جي اغوا ٿيڻ جي سندس مڙس صهيب محمود جي مدعيت ۾ ايف آءِ آر داخل ٿيڻ بعد ٽيڪنيڪل بنيادن تي جاچ ڪئي. لاهور واسي طلحه محمود جي آءِ ڊي تي شڪ پيوکيس لاهور جي ڪريم پارڪ مان گرفتار ڪري فليٽ مان ناري انعم صهيب کي هٿ ڪيو. جوابدار طلحه محمود ٻڌايو ته هڪ سال اڳ اسان جو انسٽاگرام تي ٽڪ ٽاڪ لائڪ ڪرڻ بعد رابطو ٿيو جيڪو محبت ۾ بدلجي ويو. انعم پاڻي کي غير شادي شده ڄاڻايو. لاهور مان گلشن حديد آيس انعم مون کي پئسا پڻ موڪليا ته جيئن سندس لاءِ موبائل فون وٺان. هن چيو ته 13 نومبر تي گلشن حديد پهچي 14 نومبر تي انعم کي وٺي لاهور روانو ٿيس جتي ڪرائي تي هڪ فليٽ پڻ ورتو،گرفتار ملزم طلحه محمود ۽ ناري انعم صهيب کي اڄ ملير جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.