حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ شهر جي مک 11 بازارن کي منجھند 2 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جن ۾ مارڪيٽ ٿاڻي جون 2 گهٽيون، اناج منڊي، تلڪ چاڙهي واري بازار (گارمينٽ مارڪيٽ کان شاهي بازار تائين) ريشم بازار ، ڪلاٿ مارڪيٽ، شاهي بازار، کاتا چوڪ مارڪيٽ، فقير جو پڙ ( نشاط چوڪ کان ڪاليج روڊ تائين ) جامع ڪلاٿ مارڪيٽ يونٽ نمبر 8 مين بازار قاسم آباد/پڪوڙا اسٽاپ، شاهي بازار ٽنڊو ڄام ۽ هالاناڪه مارڪيٽ شامل آهن.