حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڦرلٽ جي وڌندڙ واقعن بعد پوليس ٻيهر هاف فراءِ فارمولو شروع ڪري ڏنو آهي، هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻن ڄڻن کي مبينا مقابلن ۾ هاف فراءِ ڪيو ويو. پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس جو ماروي ٽائون لنڪ روڊ تي ڦر جي نيت سان بيٺل موٽرسائيڪل سوار ٻن ڦورن سان مبينا مقابلو ٿيو جنهن ۾ پوليس جي جوابي فائرنگ دوران هڪ ڦورو زخمي ٿي پيو جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويو. پوليس موجب زخمي ٿيل ڦورو جي سڃاڻپ مولا بخش عرف علي بخش پٽ حسين ملاح طور ٿي آهي. سندس خلاف پوليس مقابلن ۽ غيرقانوني هٿيار رکڻ جا 6 ڪيس داخل ٿيل هئا. ڄاڻايل ڦورو ڪجهه ڏينهن اڳ سٽيزن ڪالوني ۾ مڪيش ڪمار نالي شخص جي جنرل اسٽور تان ڦرلٽ ڪئي ۽ مزاحمت تي کيس گولي هڻي زخمي پڻ ڪيو هو. زخمي ڦورو کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس پڻ مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب جانورن جي اسپتال وٽ 2 اڻڄاتل ڦورو موٽرسائيڪل تي سوار هئا جن کي مشڪوڪ ڏسي گشت دوران روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر موٽرسائيڪل بيهارڻ بدران انهن پوليس مٿان هوائي فائر ڪيا ۽ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو زخمي ٿي پيو جڏهن ته سندس ساٿي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويو آهي جنهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڦورو جي سڃاڻپ محمد سهيل آرائين پٽ محمد طفيل آرائين طور ٿي آهي. سندس قبضي مان ٽي ٽي پستول ۽ موٽرسائيڪل به هٿ ڪئي وئي آهي. ڦورو جو تعلق اسلاميه ڪالوني ملت آباد واري علائقي سان آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل ڦورو خلاف ڪنهن به ٿاڻي تي ڪو ڪيس داخل ٿيل نه آهي جنهن ڪري پوليس پاران سندس گرفتاري راز ۾ رکي وئي هئي پر ڦورو کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪرڻ بعد پوليس مقابلي وارو معاملو سامهون آيو آهي. ذريعن اهو به ٻڌايو ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڦورو خلاف پوليس مقابلي ۽ غيرقانوني اسلحي جا 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. سول اسپتال پهتل ڦورو جو چوڻ آهي ته هو بيڪري تي پورهيو ڪري گذر بسر ڪندو هو. پوليس کيس گرفتار ڪرڻ بعد گولي هڻي زخمي ڪيو ۽ مبينا پوليس مقابلو ڄاڻائي سندس گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي. پوليس مقابلي بابت ترجمان توڙي لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس پاران ڪا به پڌرائي جاري نه ڪئي وئي هئي.